Focus with Zardari

لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا اسپتال جي نرس جو احتجاج، نرسنگ عملدارن تي ڳنڀير الزام

2 Min Read

لاڙڪاڻو (رپورٽر) لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي هڪ فيميل اسٽاف نرس نرسنگ سپرنٽنڊنٽ ۽ اسسٽنٽ نرسنگ سپرنٽنڊنٽ خلاف الزام هڻندي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

فيميل اسٽاف نرس جوزفين عرف جولي ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته چانڊڪا اسپتال ۾ سياسي ۽ بااثر شخصيتن جي پٺڀرائي سان جونيئر نرسن کي سينيئر عهدن تي مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن سبب سينيئر نرسن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ اسپتال جا انتظامي معاملا متاثر ٿي رهيا آهن.

هن الزام هنيو ته نرسنگ سپرنٽنڊنٽ ۽ اسسٽنٽ نرسنگ سپرنٽنڊنٽ مبينا طور نرسن کان پئسا وٺي کين ويزا تي ٻاهر موڪلڻ ۾ ملوث آهن، جنهن سبب اسپتال ۾ نرسن جي کوٽ برقرار آهي.

احتجاج ڪندڙ نرس وڌيڪ الزام لڳايو ته اسسٽنٽ نرسنگ سپرنٽنڊنٽ زبير منگي مرد ۽ عورت نرسن سان نامناسب رويو اختيار ڪري ٿو ۽ عورت مريضن توڙي سندن وارث عورتن سان به غيراخلاقي ورتاءُ ڪندو رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ان سلسلي ۾ اڳ به ڪيس داخل ٿيو هو، پر مبينا طور اثر رسوخ سبب ڪا ڪارروائي نه ٿي.

- Advertisement -

جوزفين عرف جولي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير، صحت واري وزير ڊاڪٽر عذره فضل پيچوهو ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نرسنگ سپرنٽنڊنٽ روبينه شبنم ۽ اسسٽنٽ نرسنگ سپرنٽنڊنٽ زبير منگي کي عهدن تان هٽائي سندن خلاف ڊپارٽمينٽل جاچ ڪرائي قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سينيئر نرسن کي ذميواريون ڏنيون وڃن.

لاڳاپيل عملدارن يا چانڊڪا اسپتال جي انتظاميا جو موقف سامهون نه آيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment