لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا اسپتال جي نرس جو احتجاج، نرسنگ عملدارن تي ڳنڀير الزام

2 Min Read

لاڙڪاڻو (رپورٽر) لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي هڪ فيميل اسٽاف نرس نرسنگ سپرنٽنڊنٽ ۽ اسسٽنٽ نرسنگ سپرنٽنڊنٽ خلاف الزام هڻندي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

فيميل اسٽاف نرس جوزفين عرف جولي ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته چانڊڪا اسپتال ۾ سياسي ۽ بااثر شخصيتن جي پٺڀرائي سان جونيئر نرسن کي سينيئر عهدن تي مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن سبب سينيئر نرسن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ اسپتال جا انتظامي معاملا متاثر ٿي رهيا آهن.

هن الزام هنيو ته نرسنگ سپرنٽنڊنٽ ۽ اسسٽنٽ نرسنگ سپرنٽنڊنٽ مبينا طور نرسن کان پئسا وٺي کين ويزا تي ٻاهر موڪلڻ ۾ ملوث آهن، جنهن سبب اسپتال ۾ نرسن جي کوٽ برقرار آهي.

احتجاج ڪندڙ نرس وڌيڪ الزام لڳايو ته اسسٽنٽ نرسنگ سپرنٽنڊنٽ زبير منگي مرد ۽ عورت نرسن سان نامناسب رويو اختيار ڪري ٿو ۽ عورت مريضن توڙي سندن وارث عورتن سان به غيراخلاقي ورتاءُ ڪندو رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ان سلسلي ۾ اڳ به ڪيس داخل ٿيو هو، پر مبينا طور اثر رسوخ سبب ڪا ڪارروائي نه ٿي.

جوزفين عرف جولي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير، صحت واري وزير ڊاڪٽر عذره فضل پيچوهو ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نرسنگ سپرنٽنڊنٽ روبينه شبنم ۽ اسسٽنٽ نرسنگ سپرنٽنڊنٽ زبير منگي کي عهدن تان هٽائي سندن خلاف ڊپارٽمينٽل جاچ ڪرائي قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سينيئر نرسن کي ذميواريون ڏنيون وڃن.

لاڳاپيل عملدارن يا چانڊڪا اسپتال جي انتظاميا جو موقف سامهون نه آيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment