حيدرآباد ۽ سکر مان ٻن ڄڻن جا لاش هٿ

1 Min Read

حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) حيدرآباد لطيف آباد بي سيڪشن ٿاڻي جي حد نمبر 10 لڳ سنڌو درياهه مان هڪ شخص جو لاش هٿ آيو. اطلاع تي ريسڪيو 1122 جي ٽيم پهچي لاش پاڻي مان ڪڍي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.

فوتي جي سڃاڻپ لطيف آباد الله والي مسجد، گلي نمبر 12 جي رهواسي محمد حنيف طور ٿي. مقامي ماڻهن موجب محمد حنيف جو ذهني توازن درست نه هو ۽ سندس گمشدگي بابت پوليس کي به اطلاع ڏنو ويو هو.

ٻئي پاسي سکر سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد جعفرآباد لنڪ روڊ تان نامعلوم شخص جو لاش هٿ آيو، پوليس ايڌي ايمبولينس ذريعي لاش سول اسپتال سکر منتقل ڪيو.

قانوني ڪارروائي بعد سڃاڻپ نه ٿيڻ تي لاش ايڌي سينٽر سکر حوالي ڪيو ويو، جتي غسل ۽ ڪفن بعد جنازي نماز پڙهائي پوليس جي نگراني ۾ اسلامي رسمن موجب نوان ڳوٺ قبرستان ۾ تدفين ڪئي ويندي.

Share This Article
Leave a Comment