حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي جا صنعتي علائقا تباهه، 5 سالن ۾ 1500 ارب رپيا ٽيڪس وٺڻ باوجود سهولتون غائب

2 Min Read

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اڳواڻ عديل صديقي حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي جي صنعتي علائقن جي زبون حالي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته گذريل 5 سالن دوران امپورٽ تي 1.85 سيڪڙو انفراسٽرڪچر سيس جي مد ۾ 1500 ارب رپيا گڏ ڪرڻ باوجود سنڌ حڪومت انڊسٽريل زونز کي بنيادي سهولتون ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي.
هڪ بيان ۾ هن چيو ته وفاقي سطح تي مهانگي بجلي ۽ پيچيده ٽيڪس نظام کانپوءِ هاڻي صوبائي حڪومت جي نااهلي سبب روڊ کڏن ۾ تبديل ٿي ويا آهن، جنهن ڪري گاڏين جي نقصان ۽ مال جي پهچ ۾ دير سبب صنعتڪارن کي روزانو ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.
عديل صديقي وڌيڪ چيو ته 74 سال پراڻي حيدرآباد سائيٽ ايريا جا 450 فعال يونٽ پاڻي جي کوٽ، گندي پاڻي جي نيڪال ۽ خراب روڊن جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته هتي شروع ڪيل 1.10 ارب رپين جا ترقياتي منصوبا اٽي ۾ لوڻ برابر آهن.
هن پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اپيل ڪئي ته هو صنعتي علائقن جو دورو ڪن ۽ وفاقي ايس آءِ ايف سي جي طرز تي سنڌ ۾ به هڪ بااختيار صوبائي انويسٽمينٽ فيسليٽيشن باڊي قائم ڪن، ٻي صورت ۾ سنڌ ۾ صنعتڪاري مڪمل طور تي تباهه ٿي ويندي.

Share This Article
Leave a Comment