تماڪ وڪرو ڪندڙ موت جا واپاري آهن، سخت قانون سازي ڪئي وڃي: صدر آصف علي زرداري

1 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري تماڪ واپرائڻ کي قاتل عادت قرار ڏيندي، نسلن کي بچائڻ لاءِ قومي پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين کي سخت قانون سازي ۽ انتظامي نظام جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي.
تماڪ واهپي جي خاتمي واري عالمي ڏينهن (31 مئي) تي جاري ڪيل پيغام ۾ صدر زرداري تماڪ وڪرو ڪندڙن کي موت جا واپاري قرار ڏيندي چيو ته والدين، استادن، فنڪارن ۽ صحت جي ماهرن کي گڏجي ان خلاف آگاهي مهم هلائڻي پوندي.
صدر عالمي صحت تنظيم جا انگ اکر ڏيندي ٻڌايو ته دنيا ۾ سالياني 70 لک کان وڌيڪ ماڻهو تماڪ واپرائڻ سبب مرن ٿا، جنهن ۾ 16 لک اهي آهن جيڪي پاڻ سگيٽ ناهن پيئندا پر ان جي دونهين جو شڪار ٿين ٿا.
هن خبردار ڪيو ته سگريٽ، اي-سگريٽ، ويپنگ ۽ نيڪوٽين پائوچز ذريعي نوجوان نسل کي نشانو بڻايو پيو وڃي، جنهن سان گهرن جا گهر معاشي ۽ صحت جي لحاظ کان تباهه ٿي رهيا آهن.

Share This Article
Leave a Comment