آئيسڪو، گيپڪو ۽ فيسڪو جا 50 کان 100 سيڪڙو شيئر وڪڻڻ جو فيصلو

1 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت آئيسڪو، گيپڪو ۽ فيسڪو جا 50 کان 100 سيڪڙو تائين شيئر وڪڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ پاور سيڪٽر بابت ڪابينا جي نجڪاري ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آئيسڪو، گيپڪو ۽ فيسڪو جي نجڪاري بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس جي پڌرائي موجب ڪميٽي ٽنهي ڊسڪوز جي ٽرانزيڪشن اسٽرڪچر جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت هر ڊسڪو جا 50 کان 100 سيڪڙو تائين شيئر ڪيپيٽل وڪڻڻ جي آڇ ڪئي ويندي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته هر ڊسڪو جو شيئر ڪيپيٽل انتظامي ڪنٽرول سان گڏ هوندو، جيڪو وفاقي ڪابينا جي منظوري سان مشروط هوندو.

Share This Article
Leave a Comment