اسلام آباد ۽ لاهور سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا

1 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب شهرين ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو.

زلزلي جا جهٽڪا اسلام آباد، لاهور، پشاور، سوات، بٽگرام شانگلا، بونير، لوئر دير ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پڻ محسوس ڪيا ويا، جنهن بعد ڪيترائي شهري ڪلمو پاڪ پڙهندي گهرن ۽ عمارتن کان ٻاهر نڪري آيا.

زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.3 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جي اونهائي 174 ڪلوميٽر هئي.

زلزلو ماپيندڙ اداري موجب زلزلي جو مرڪز افغانستان جي هندوڪش علائقي ۾ هو.هن وقت تائين زلزلي سبب ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي اطلاع سامهون ناهي آيو.

Share This Article
Leave a Comment