ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) سنڌ مان پريا ڪماري سميت لاپتا ۽ اغوا ٿيل ٻارن جي بازيابي لاءِ قائم پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي آچر تي وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ٻاهران احتجاجي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪراچي بار جا وڪيل به ايڪي جو اظهار ڪندا.
ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ لياقت جلباڻي چيو ته هي تحريڪ چار سال اڳ پريا ڪماري جي اغوا کانپوءِ شروع ٿي هئي. شروعات ۾ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي چار ٻارن جي بازيابي لاءِ احتجاجي ڪئمپ لڳائي وئي، پر پوءِ وڌيڪ متاثر خاندان سامهون اچڻ بعد لاپتا ٻارن جو انگ وڌي 27 ٿي ويو ۽ احتجاج باقاعده ڌرڻي ۾ تبديل ٿي ويو.
ڪميٽي جي ميمبر سهڻي پارس چيو ته احتجاج ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري ڪيترن ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، جن کي ٻيهر احتجاج نه ڪرڻ جي شرط تي آزاد ڪيو ويو.
هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته اغوا ٿيل ٽن ٻارن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، پر ايڪشن ڪميٽي انهن دعوائن تي شڪ ظاهر ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته بازياب ڪرايل ٻارن جا مڪمل تفصيل ۽ ثبوت عوام آڏو پيش ڪيا وڃن.
ايڪشن ڪميٽي موجب علي اصغر منڱريو نالي ٻار گذريل 11 سالن کان لاپتا آهي، جنهن جي ڪيس لاءِ هيل تائين ٽي گڏيل جاچ ٽيمون (جي آءِ ٽيز) ٺهي چڪيون آهن، پر اڃا تائين ڪو حتمي نتيجو سامهون نه اچي سگهيو آهي.
ڪميٽي اڳوڻي وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ۽ سنڌ جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه کان استعيفائن جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ ٻارن جي اغوا روڪڻ، سڀني لاپتا ٻارن جي محفوظ بازيابي ۽ بازياب ڪرايل ٽن ٻارن جا تفصيل عوام آڏو آندا وڃن.


