حڪومت 21 آگسٽ لاءِپيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ڪري ڇڏيو

1 Min Read

اسلام آباد: پيٽروليم ڊويزن ايندڙ 24 ڪلاڪن لاءِ پيٽروليم شين جون نيون قيمتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، جنهن تحت پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ڪيو ويو آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 27 پيسا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ رپيو 64 پيسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي.

قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 337 رپيا 78 پيسا في ليٽر، جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 346 رپيا 70 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment