سنڌ ۾ 6,220 اسڪولن کي خطرناڪ قرار ڏيڻ وارو تاثر غلط آهي: اسڪول ايجوڪيشن کاتو

4 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اسڪول ايجوڪيشن کاتي سنڌ سرڪاري اسڪولن جي عمارتن بابت سامهون ايندڙ خبرن جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته 6 هزار 220 اسڪولن کي خطرناڪ قرار ڏيڻ وارو تاثر حقيقتن جي ابتڙ آهي.

اسڪول ايجوڪيشن کاتي موجب 6 هزار 220 کان وڌيڪ اسڪولن بابت سامهون آيل معلومات اصل ۾ کاتي ۽ لاڳاپيل انجنيئرنگ ونگ وچ ۾ ٿيل اندروني خط و ڪتابت ۽ فني مشاورت سان لاڳاپيل آهي، جنهن کي مڪمل پسمنظر کانسواءِ پيش ڪيو پيو وڃي.

کاتي جو چوڻ آهي ته 2022ع جي شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ جا لڳ ڀڳ 20 هزار اسڪول جزوي يا مڪمل طور متاثر ٿيا هئا. تعليمي سرگرمين کي جاري رکڻ لاءِ شيلٽر اسڪولن ۽ متبادل عمارتن ۾ تدريسي عمل منتقل ڪرڻ سميت مختلف انتظام ڪيا ويا هئا.

اسڪول ايجوڪيشن کاتي موجب سنڌ ۾ جاري تعليمي سڌارن ۽ ٻين قدمن جي نتيجي ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي شرح 48 سيڪڙو مان گهٽجي 39 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جنهن جي تصديق پاڪستان جي اقتصادي سروي جي تازي رپورٽ ۾ پڻ ڪئي وئي آهي.

6,220 اسڪولن بابت اصل معاملو ڇا آهي؟

کاتي واضح ڪيو ته 6 هزار 220 کان وڌيڪ اسڪولن بابت تازي خط و ڪتابت حفاظتي ۽ اڳواٽ جائزي واري عمل جو حصو آهي.

چوماسي جي برساتن کي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل انجنيئرنگ ونگ کان انهن اسڪولن جي عمارتن جي فني ۽ اڏاوتي صورتحال بابت راءِ طلب ڪئي وئي آهي.کاتي جو چوڻ آهي ته هن پنهنجي سطح تي انهن اسڪولن کي خطرناڪ قرار ناهي ڏنو.

ڪنهن به اسڪول جي عمارت کي خطرناڪ قرار ڏيڻ جو حتمي فيصلو مڪمل فني ۽ انجنيئرنگ جائزي کانپوءِ ئي ڪري سگهجي ٿو. تنهن ڪري رڳو اندروني خط و ڪتابت جي بنياد تي هزارين اسڪولن کي خطرناڪ قرار ڏيڻ درست ناهي.

ٻوڏ متاثر اسڪولن مان 5 هزار کان وڌيڪ ٻيهر تعمير

اسڪول ايجوڪيشن کاتي ٻڌايو ته 2022ع جي ٻوڏ سبب متاثر ٿيل لڳ ڀڳ 20 هزار اسڪولن مان 5 هزار کان وڌيڪ اسڪولن جي ٻيهر تعمير مڪمل ٿي چڪي آهي.

جڏهن ته باقي متاثر اسڪولن جي بحالي ۽ ٻيهر تعمير جو عمل به موجود وسيلن ۽ ترجيحن موجب جاري آهي.

اسڪولن کي بجيٽ ڏيڻ جو نظام

کاتي موجب سرڪاري اسڪولن کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ لاءِ اسڪول اسپيسفڪ بجيٽ سميت مختلف قدم کنيا ويا آهن، جنهن تحت اسڪولن کي پنهنجي مقامي ضرورتن موجب موجود وسيلن کي استعمال ڪرڻ ۽ بنيادي مسئلا حل ڪرڻ ۾ وڌيڪ ڪردار ڏنو پيو وڃي.

اسڪول ايجوڪيشن کاتي جو چوڻ آهي ته موجوده مالي صورتحال ۾ اسڪولن جي ترقياتي بجيٽ ۾ لڳ ڀڳ 10 ارب رپين جي گهٽتائي باوجود ضروري سار سنڀال، مرمت ۽ بحالي جا ڪم جاري رکيا پيا وڃن.

کاتي موجب مقصد اهو آهي ته موجود وسيلن اندر شاگردن ۽ استادن لاءِ محفوظ ۽ بهتر تعليمي ماحول فراهم ڪيو وڃي.

ميڊيا کي مڪمل پسمنظر ڏيڻ جي اپيل

اسڪول ايجوڪيشن کاتي سنڌ ميڊيا کي اپيل ڪئي آهي ته اسڪولن جي عمارتن بابت حساس معلومات مڪمل پسمنظر، فني رپورٽ ۽ کاتي جي موقف سان گڏ پيش ڪئي وڃي، جيئن شاگردن، والدين ۽ عوام ۾ غير ضروري ڳڻتي پيدا نه ٿئي.

کاتي چيو آهي ته هو حقيقتن تي ٻڌل ۽ ذميواراڻي صحافت جي آجيان ڪري ٿو ۽ ڪنهن به خبر جي اشاعت کان اڳ لاڳاپيل اختيارين کان موقف وٺڻ کي ضروري سمجهي ٿو.

 

Share This Article
Leave a Comment