ٽنڊو محمد خان ۾ ڏينهن ڏٺي ڦر، مزاحمت تي نوجوان کي گولي هڻي زخمي

1 Min Read

ٽندو محمد خان (ويب ڊيسڪ) ٽنڊو محمد خان ۾ سجاول روڊ تي ڏينهن ڏٺي ڌاڙيلن ڦر جي واردات دوران مزاحمت ڪرڻ تي هڪ نوجوان کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.
وارثن موجب زخمي نوجوان جي سڃاڻپ ڄام سٺيو طور ٿي آهي، جنهن کي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو پيو وڃي.
وارثن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل نوجوان کان موبائل فون، موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
واقعي کي ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود به پوليس طرفان ڪا به اثرائتي ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي.
علائقي واسين الزام لڳايو آهي ته پوليس منظر تان غائب هئي، جنهن سبب ڏينهن ڏٺي ڏوهن ۾ واڌ ٿي رهي آهي.
شهرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري علائقي ۾ امن امان بهتر بڻايو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment