خواجه سرا جو قتل ڪيس، جوابدار کي عمر قيد جي سزا

1 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي عدالت خواجه سرا جي قتل واري ڪيس ۾ جوابدار نعمان کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي۔

ايڊيشنل سيشن عدالت ڪراچي ويسٽ جوابدار خلاف جرم ثابت ٿيڻ بعد فيصلو ٻڌايو۔

عدالت جوابدار تي 5 لک رپيا ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو ۽ حڪم ڏنو ته اها رقم مقتول جي وارثن کي ادا ڪئي وڃي۔

پراسڪييوشن موجب پهرين سيپٽمبر 2022ع تي شير شاهه علائقي ۾ نامعلوم ماڻهن خواجه سرا ماجد کي قتل ڪيو هو۔ پوليس جاچ بعد جوابدار نعمان کي گرفتار ڪيو۔

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته جوابدار جي عمر ۽ اڳوڻو ڏوهن جو رڪارڊ نه هجڻ کي نظر ۾ رکندي کيس موت جي سزا بدران عمر قيد جي سزا ڏني وئي۔

Share This Article
Leave a Comment