سعيد ميمڻ کي باحفاظت بازياب ڪرايو وڃي: ڊاڪٽر قادر مگسي

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته 17 مئي کان گم ٿيل سنڌ دوست ليکڪ ۽ قومي ڪارڪن سعيد ميمن بابت اڃا تائين ڪا به خبر نه ملي سگهي آهي، جنهن سبب سنڌ جي سمورن قومي ۽ سياسي حلقن ۾ سخت ڳڻتي ۽ بيچيني پکڙيل آهي۔

ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سعيد ميمن جو خاندان سنڌ جي قومي جدوجهد ۾ اهم ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي۔ سندس ڀاءُ ڊاڪٽر عبدالحميد ميمن، جيڪو سنڌ ترقي پسند پارٽي جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري آهي، پنهنجي سموري زندگي سنڌ جي قومي جدوجهد لاءِ وقف ڪري چڪو آهي۔ اهڙي خاندان سان تعلق رکندڙ شخص جو لاپتہ ٿيڻ انتهائي ڳڻتي جوڳو عمل آهي۔

هن چيو ته 17 مئي تي بلوچستان جي علائقي مان سعيد ميمن کي اغوا ڪري گم ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ اڄ تائين سندس بابت ڪا به ڄاڻ حاصل نه ٿي سگهي آهي، اسان ان سلسلي ۾ بلوچستان جي قومي ۽ سياسي قيادت سان مختلف رابطا ڪيا آهن، پر اڃا تائين ڪا به اطلاع نه ملي سگهي آهي۔

ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته سعيد ميمن جي دل جي بائي پاس سرجري ٿي چڪي آهي، جنهن سبب سندس صحت بابت وڌيڪ خدشا پيدا ٿي رهيا آهن۔ سندس گهرڀاتي، دوست، ساٿي ۽ سڄي سنڌ سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن۔

هن بلوچستان جي قومي ۽ سياسي قيادت کي اپيل ڪندي چيو ته هو هن معاملي جو فوري نوٽيس وٺن ۽ سعيد ميمن جي بازيابي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن۔

ڊاڪٽر قادر مگسي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سعيد ميمن کي ڪو نقصان پهتو ته اهو صرف هڪ فرد جو نه، پر سنڌ جي شعور جو قتل تصور ڪيو ويندو، ۽ ان سان ٿيندڙ نقصان پوري سنڌ جو نقصان هوندو۔

ڊاڪٽر قادر مگسي وفاقي حڪومت، لاڳاپيل ادارن ۽ بلوچستان جي سياسي قوتن کان مطالبو ڪيو ته سعيد ميمن کي بنا ڪنهن دير جي بازياب ڪرائي محفوظ طريقي سان سنڌ واپس آندو وڃي۔

Share This Article
Leave a Comment