ڀريار روڊ اسٽيشن تي سکر ايڪسپريس جي انجڻ خراب، مسافر گرمي ۾ بيحال

1 Min Read

نوشهروفيروز (رپورٽر) ڪراچي کان سکر ويندڙ اپ سکر ايڪسپريس جي انجڻ نوشهروفيروز ويجهو ڀريار روڊ ريلوي اسٽيشن تي اوچتو خراب ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽرين کي هنگامي طور تي اتي ئي روڪيو ويو آهي.
ريلوي ذريعن موجب، انجڻ ۾ اوچتو آيل فني خرابي سبب ٽرين گذريل ڪيترن ئي ڪلاڪن کان اسٽيشن تي بيٺل آهي.
ٽرين بيهڻ سبب سکر ايڪسپريس ۾ سوار سوين مسافرن کي سخت تڪليفن جو منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
تيز تپش، سخت گرمي ۽ ٻوسٽ جي ڪري مسافر، خاص طور تي عورتون ۽ معصوم ٻار بيحال ٿي ويا آهن.
متاثر مسافرن ريلوي انتظاميا جي سستي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته کين فوري طور تي متبادل انجڻ جو انتظام ڪري روانو ڪيو وڃي.
ٻئي طرف، ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته انجڻ جي مرمت ۽ ٽرين جي جلد روانگي لاءِ ڪم جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment