گمبٽ (ممتاز ميمڻ) ايس ايس پي خيرپور ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪامي ۽ ڊيوٽي ۾ غفلت جي الزام هيٺ ٽن ايس ايڇ اوز کي هٽائي کين لائن حاضر ڪري ڇڏيو آهي.
پوليس موجب ايس ايڇ او پيرڳوٺ امداد شيخ، ايس ايڇ او ڪوٽ ڪالو سليم دايو ۽ ايس ايڇ او بي سيڪشن مشتاق جتوئي کي عهدن تان هٽائي لائن حاضر ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي خيرپور جو چوڻ آهي ته ڏوهن جي روڪٿام ۽ فرضن ۾ غفلت ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، جڏهن ته بهتر ڪارڪردگي لاءِ وڌيڪ انتظامي قدم پڻ کنيا پيا وڃن.


