گڙدن جي پئسن عيوض مبينا پيوندڪاري، گمس اسپتال انتظاميه جاچ خلاف عدالت پهچي وئي

3 Min Read

گمبٽ ( رپورٽ: ممتاز ميمڻ ) گمس ۾ مبينا غيرقانوني گڙدن جي پيوندڪاري: ڊاڪٽرن ايف آءِ اي جي جاچ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري ڇڏيو

گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (گمس) ۾ مبينا طور پئسن عيوض ۽ غيرقانوني گڙدن جي پيوندڪاري بابت ايف آءِ اي جي هلندڙ جاچ نئين قانوني مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي. گمس اسپتال جي انتظاميه ۽ ٽرانسپلانٽ ٽيم سان لاڳاپيل ڊاڪٽرن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪري ايف آءِ اي جي جاچ کي غيرقانوني قرار ڏئي روڪرائڻ جي استدعا ڪئي آهي.

درخواست موجب ايف آءِ اي گمس ۾ مبينا غيرقانوني ۽ تجارتي گڙدن جي پيوندڪاري بابت شڪايتن کانپوءِ انڪوائري شروع ڪئي، جنهن دوران ڊاڪٽرن، سرجنن، نرسنگ اسٽاف ۽ ٽرانسپلانٽ ٽيم جي ٻين ميمبرن کي نوٽيس جاري ڪري رڪارڊ طلب ڪيو ويو.

درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو آهي ته جاچ ڪنهن باضابطا شڪايت تي نه، پر سوشل ميڊيا ۽ يوٽيوب تي هلندڙ هڪ غير تصديق ٿيل رپورٽ جي بنياد تي شروع ڪئي وئي. سندن چوڻ آهي ته نه ڪنهن مريض، نه ڪنهن ڊونر ۽ نه ئي ڪنهن ريگيوليٽري اداري سندن خلاف ڪا شڪايت داخل ڪرائي آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته گڙدن جي پيوندڪاري سان لاڳاپيل معاملن جي نگراني سنڌ هيومن آرگن ٽرانسپلانٽيشن اٿارٽي ۽ سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ذميواري آهي، جڏهن ته ايف آءِ اي کي هن معاملي ۾ جاچ جو قانوني اختيار حاصل ناهي. درخواستگذارن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت سان لاڳاپيل ڪنهن به ڏوهه يا مفاد جي نشاندهي نه ڪئي وئي آهي، تنهن ڪري ايف آءِ اي جي ڪارروائي قانون کان مٿانهين آهي.

درخواست موجب ايف آءِ اي پنجن سالن جا مريضن جا ميڊيڪل رڪارڊ، ڊونرن جي معلومات، مالي دستاويز، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٻيو حساس ڊيٽا طلب ڪيو آهي، جيڪو مريضن جي رازداري ۽ قانوني حقن جي ڀڃڪڙي بڻجي سگهي ٿو.

درخواستگذارن عدالت کان استدعا ڪئي آهي ته ايف آءِ اي جي انڪوائري نمبر 26 کي غيرقانوني قرار ڏئي ختم ڪيو وڃي، جاري ڪيل سمورا نوٽيس ڪالعدم قرار ڏنا وڃن ۽ گمس جي ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي کان روڪيو وڃي.

واضح رهي ته ايف آءِ اي گمس ۾ مبينا غيرقانوني گڙدن جي پيوندڪاري جي جاچ شروع ڪري اسپتال انتظاميه ۽ عملي کي نوٽيس جاري ڪيا آهن، جڏهن ته مريضن جي گذريل پنجن سالن جي ڊيٽا پڻ طلب ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment