دادو: (اي بي خشڪ) خيرپور ناٿن شاهه ۾ پوليس اهلڪارن جي مبينا هراسان ڪرڻ سبب پيرسن پريل گانگهرو جي فوت ٿيڻ واري معاملي جو ايس ايس پي دادو صدا حسين خاصخيلي نوٽيس وٺندي 3 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو.
معطل اهلڪارن ۾ هيڊ ڪانسٽيبل حاجي کوسو، ڪانسٽيبل ناصر احمد ۽ جميل احمد شامل آهن.
پوليس موجب ڊي ايس پي سٽي اڪبر چنا جي نگراني ۾ جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ پيش ڪندي.
پيرسن جي وارثن گذريل ڏينهن پوليس تي مبينا هراسان ڪرڻ جو الزام لڳائي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو هو.


