گمبٽ: اڳڙا ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي هيٺان اچي 25 ورهين جو نوجوان فوت

1 Min Read

گمبٽ: (ممتاز ميمڻ) اڳڙا ڀرسان ٽمهون اسٽاپ وٽ ٽريڪٽر ٽرالي جي هيٺان اچي 25 ورهين جو نوجوان عجيب پٽ روشن شيخ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اڳڙا رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.

پورهيت نوجوان ڪچي مان ٽريڪٽر ٽرالي تي ڀاڻ کڻي سوڀوديرو وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

Share This Article
Leave a Comment