دادو (اي بي خشڪ) دادو جي ڪچي واري علائقي دانو چانڊيو ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ممتاز غلام قادر چانڊيو سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ايس ايس پي دادو صدام حسين خاصخيلي موجب، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ رواني ڪئي وئي آهي.
چانڊيو برادري ۾ 2 سالن کان هلندڙ تڪرار دوران هن وقت تائين 6 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.


