ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) نئين تحقيق موجب روزاني زندگي ۾ ننڍيون تبديليون به دل جي صحت تي وڏو اثر وجهي سگهن ٿيون، ۽ دل جي دوري ۽ فالج جهڙن خطرن کي گهٽائي سگهن ٿيون۔
هي تحقيق يونيورسٽي آف سڊني، چلي ۽ برازيل جي گڏيل ٽيم ڪئي، جنهن برطانيه جي 53 هزار کان وڌيڪ بالغ ماڻهن جي ڊيٽا جو تجزيو ڪيو۔ نتيجن موجب ننڊ، جسماني سرگرمي ۽ خوراڪ ۾ معمولي بهتري سان دل جي وڏن مرضن جو خطرو لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو تائين گهٽ ٿيو۔
تحقيق ۾ ماڻهن کي 8 سالن تائين اسمارٽ واچ جهڙن ڊوائيسز سان مانيٽر ڪيو ويو، جڏهن ته خوراڪ بابت سروي پڻ ڪيا ويا۔ هن عرصي دوران 2,034 ماڻهن ۾ دل جا وڏا مسئلا (دل جو دورو يا فالج) سامهون آيا۔
نتيجن موجب صرف 10–11 منٽ وڌيڪ ننڊ، 4–4.5 منٽ تيز پنڌ يا وچولي ورزش (جهڙوڪ سائيڪل هلائڻ يا ڊانس) ۽ روزانو لڳ ڀڳ 50 گرام وڌيڪ ڀاڄين جو استعمال دل جي بيمارين جو خطرو گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو۔
تحقيق وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو روزانو 8 کان 9 ڪلاڪ ننڊ ڪري، 42 منٽ کان وڌيڪ وچولي يا تيز ورزش ڪري ۽ متوازن خوراڪ اختيار ڪري، ته دل جي بيمارين جو خطرو 57 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي سگهي ٿو۔
محقق نڪولس ڪوئمل چيو ته ننڍيون تبديليون به وڏو فائدو ڏئي سگهن ٿيون، ۽ اهي عادتون ڊگهي وقت تائين جاري رکڻ ۾ وڌيڪ آسان هونديون آهن۔
برٽش هيئر فائونڊيشن جي نرس ايملي ميڪ گراٿ چيو ته گهڻا ماڻهو صحتمند زندگي چاهين ٿا پر وڏيون تبديليون انهن کي مشڪل لڳن ٿيون، جڏهن ته هي تحقيق ڏيکاري ٿي ته ننڍيون عادتون به دل جي صحت کي بهتر بڻائي سگهن ٿيون۔


