واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي انٽيليجنس ادارن صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه کي خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل ايران سان ٿيندڙ امن معاهدي کي سبوتاژ ڪري سگهي ٿو.
آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ موجب انٽيليجنس رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو اهڙا قدم کڻي سگهي ٿو، جيڪي ايران سان ڊگهي مدي واري امن ڪوششن کي نقصان پهچائي سگهن ٿا.
رپورٽ موجب نيتن ياهو اندروني سياسي دٻاءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي، خاص طور تي لبنان ۾ جاري تڪرار ۽ سيڪيورٽي صورتحال سبب مٿس دٻاءُ وڌي رهيو آهي.
انٽيليجنس ذريعن جو چوڻ آهي ته اسرائيل حزب الله خلاف لبنان ۾ فوجي ڪارروائيون جاري رکڻ جو ارادو رکي ٿو، جيڪو ايران سان امڪاني معاهدي جي هڪ اهم شرط يعني هر محاذ تي جنگ بندي سان ٽڪراءُ ۾ اچي ٿو.
آمريڪي اختيارين موجب نيتن ياهو جي سياسي بقا پڻ ايندڙ چونڊن سان ڳنڍيل آهي، جنهن سبب هو عوام کي اهو ڏيکارڻ چاهي ٿو ته اسرائيل لبنان مان فوجون واپس نه گهرائيندو ۽ حزب الله خلاف ڪارروائيون وڌيڪ تيز ڪيون وينديون.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسرائيل ٽرمپ جي امن منصوبي جي ڪجهه شرطن سان خوش ناهي، ڇو ته اهي ايران تي وڌ کان وڌ دٻاءَ واري پاليسي کي متاثر ڪري سگهن ٿيون.
هڪ اڳوڻي آمريڪي اهلڪار موجب اسرائيل کي خدشو آهي ته هي معاهدو حزب الله خلاف ان جي دفاعي صلاحيت کي محدود ڪري سگهي ٿو.


