اسلام آباد/ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارت پاران سلال ڊيم مان مسلسل 11هون ڀيرو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ درياهن جي صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي، جڏهن ته لاڳاپيل ادارن فلڊ الرٽ جاري ڪري ضلعي انتظاميا ۽ ريسڪيو ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
رپورٽن موجب ڀارت کان اٽڪل 90 هزار ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو پاڪستان پهچڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي پئي وڃي.
سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب سيوهڻ جي ڪيترن ئي هيٺاهين وارن ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي، جڏهن ته انتظاميا صورتحال جي مسلسل نگراني ڪري رهي آهي.
آبي وسيلن جي اختيارين موجب هن وقت سنڌو درياهه ۾ سکر بئراج وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار آهي، جڏهن ته گڊو، ڪالا باغ ۽ چشمه بئراج وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ واري صورتحال موجود آهي.
اهڙي طرح راوي درياهه ۾ هيڊ بلوڪي وٽ به هيٺين درجي جي ٻوڏ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
اختيارين موجب جهلم، چناب، ستلج، راوي ۽ ڪابل درياهن جي اڪثر هنڌن تي پاڻي جو وهڪرو معمول مطابق آهي، جڏهن ته چاچڙان شريف ۽ بينظير پل وٽ پاڻي جي وهڪري ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جتي پاڻي جو وهڪرو 2 لک 18 هزار 978 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
ٻئي طرف تربیلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح وڌي 1539 فوٽ تائين پهچي وئي آهي ۽ ڊيم پنهنجي گنجائش جو 89 سيڪڙو ڀرجي چڪو آهي، جڏهن ته منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1196 فوٽ کان وڌي وئي آهي ۽ ڊيم 57 سيڪڙو ڀرجي چڪو آهي.
لاڳاپيل ادارن امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي درياهن، بئراجن ۽ هيٺاهين وارن علائقن جي نگراني تيز ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ضلعي انتظاميا ۽ ريسڪيو ادارن کي هر وقت تيار رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.


