رياست فيصلو ڪري، ن ليگ جو مفاد عزيز آهي يا قومي مفاد؟ بلاول ڀٽو زرداري

3 Min Read

مظفر آباد ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ميرپور ۽ ڪوٽلي جي ووٽن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، رياست کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ان لاءِ قومي مفاد وڌيڪ اهم آهي يا ن ليگ جو مفاد.

مظفرآباد ۾ پيپلز پارٽي جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آزاد ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ڇا ان کي جمهوريت چئي سگهجي ٿو؟

هن چيو ته ميرپور جي عوام جا ٿورائتا آهيون، جن پنهنجي ووٽن سان پيپلز پارٽي کي اڪثريت ڏني، پر لڳي ٿو ته رياست جو هر فيصلو ن ليگ کي ترجيح ڏئي رهيو آهي، جنهن سان ڪشمير، پاڪستان ۽ عوام کي نقصان پهچي رهيو آهي.

هن چيو ته رياست کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته قومي مفاد وڌيڪ اهم آهي يا ن ليگ جو مفاد. اسان قومي مفاد خاطر پاڪستان جي رياست سان گڏ بيٺا آهيون، ن ليگ جي مفاد لاءِ نه. هن چيو ته اکين کوليون، ن ليگ جي مفاد کي ترجيح ڏيڻ سبب پاڪستان ۽ ڪشمير کي نقصان پهتو آهي. هي آزاد ڪشمير آهي، ان کي ڪڏهن به والاريل ڪشمير جهڙو نه بڻجڻ ڏينداسين.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انٽرنيٽ بند ڪرڻ سان آزاد ڪشمير جو تاثر والاريل ڪشمير جهڙو بڻجي ويندو. هن سوال ڪيو ته ڇا سموريون سياسي پارٽيون بيوقوف آهن؟ ڇا ڪشمير جا ماڻهو نٿا ڄاڻن ته انهن سان ڇا ٿي رهيو آهي؟ هن چيو ته ڌانڌلي جي ڪهاڻي اڄ کان شروع ناهي ٿي، قومي مفاد کي پوئتي ڌڪي ن ليگ جي مفاد کي ترجيح ڏيڻ جو سلسلو پراڻو آهي. اسان کي صاف، شفاف ۽ منصفاڻيون چونڊون ڪرائڻ گهرجن ۽ ڪشمير جي ڪاز کي بچائڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي مفاهمتي پاليسي کي تسليم ڪرڻو پوندو.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته اسان پنهنجن ڪارڪنن جون جانيون ضايع ٿينديون نٿا ڏسي سگهون. توهان پيپلز پارٽي جي هڪ ڪارڪن کي قتل ڪيو، پر ان جي باوجود توهان جون سڀ ڪوششون ناڪام ويون. مان پنهنجي ڪارڪنن ۽ ووٽرن کي سندن حق وٺي ڏيندس.

هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته سخت سيڪيورٽي هوندي به 30 پولنگ اسٽيشنن تي حملا ڪيئن ٿيا؟ جيڪڏهن هڪ يا ٻه تڪن ۾ اهڙو واقعو ٿئي ها ته مڃي سگهجي ها، پر 30 پولنگ اسٽيشنن تي حملا سوال پيدا ڪن ٿا. هن الزام هنيو ته مرحليوار چونڊون ڌانڌلي لاءِ ڪرايون ويون ۽ چيو ته هاڻي ڪنهن کي به عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين.

Share This Article
Leave a Comment