پيپلزپارٽي سنڌ  ۾ ڇا ڪيو آهي؟ آزاد ڪشمير اليڪشن ۾ شڪست قبول ڪيو: مريم نواز جو بلاول کي جواب

2 Min Read

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي چونڊن کانپوءِ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي، اها افسوسناڪ آهي، مخالفن کي وڏي دل سان پنهنجي شڪست قبول ڪرڻ گهرجي هئي.

آزاد ڪشمير جي چونڊن بابت ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته چونڊن جو فيصلو رياست نه، پر عوام ڪندو آهي، جڏهن گلگت بلتستان ۾ عوام توهان جي حق ۾ فيصلو ڏنو هو ته اسان اهو نتيجو قبول ڪيو هو. جيڪڏهن گلگت بلتستان ۾ توهان کٽي ويا ته چونڊون ٺيڪ هيون، پر آزاد ڪشمير ۾ هارائڻ کانپوءِ چونڊون غلط ڪيئن ٿي ويون؟ هن وڌيڪ چيو ته آزاد ڪشمير ۾ حالتون پيپلز پارٽي جي دورِ حڪومت دوران خراب ٿيون.

مريم نواز چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي، جتي گذريل 17 سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي. هن دعويٰ ڪئي ته بلاول ڀٽو نه سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي بيان ڪري سگهيو ۽ نه ئي مستقبل جو ڪو واضح روڊ ميپ ڏئي سگهيو. هن چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام آڏو پيش ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي وٽ ڪو به نمايان ترقياتي منصوبو ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو به اهو نه چئي سگهي ته هو آزاد ڪشمير کي سنڌ يا ڪراچي جهڙو بڻائيندي، سندس چوڻ هو ته جڏهن ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ ڪجهه ناهي، تڏهن ڌانڌلي جا الزام هنيا پيا وڃن.

وزيراعليٰ پنجاب چيو ته ڪشمير جا ماڻهو بهتر صحت جون سهولتون گهرن ٿا، تنهن ڪري پيپلز پارٽي کي پنهنجي ڪارڪردگي تي غور ۽ پنهنجو احتساب ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عوام جي فيصلي کي وڏي دل سان قبول ڪرڻ سان ئي جمهوريت مضبوط ٿيندي. گڏوگڏ هن پيپلز پارٽي کي صلاح ڏني ته سنڌ ۾ صفائي، امن امان ۽ روڊن جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي.

مريم نواز وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته پيپلز پارٽي جي جلسن ۾ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت نه ڪئي. هن چيو ته “جن جي پنهنجي صوبي ۾ روڊ ٽٽل آهن، اهي آزاد ڪشمير جا روڊ ڪيئن بهتر بڻائيندا؟”

Share This Article
Leave a Comment