راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر ڀارت جي نام نهاد ”آپريشن سندور“ بابت دستاويزي فلم کي هٿ ٺوڪيو ۽ حقيقتن جي ابتڙ پروپيگنڊا قرار ڏئي ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بالي ووڊ انداز جون ڊرامائي فلمون ٺاهڻ ۽ حقيقتن کي چٿڻ سان ڀارتي فوج جي شڪست کي فتح ۾ نٿو بدلائي سگهجي. اداري موجب فلم ۾ انٽرويوز کي ڪٽي، جذباتي بيانين ۽ سنسني خيز منظرڪشي ذريعي هڪ هٿ ٺوڪي ڪهاڻي پيش ڪئي وئي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب فلم ۾ ”100 سيڪڙو مشن ڪاميابي“ جي دعويٰ حقيقتن ۽ جنگي رڪارڊ جي ابتڙ آهي. پاڪستان ڀارتي جارحيت کي ناڪام بڻايو ۽ ڀارت جا 8 فوجي جهاز ڪيرائڻ سان گڏ 26 ڀارتي فوجي هدفن کي نشانو بڻايو.
آءِ ايس پي آر چيو ته جنگبندي ٻنهي ملڪن جي ڊي جي ايم اوز وچ ۾ رابطي ۽ اتفاق سان ٿي، تنهن ڪري ان کي ڀارت جي يڪطرفي فتح قرار ڏيڻ درست ناهي. فلم حقيقتن تي ٻڌل فوجي تجزيو نه، پر ڀارتي عوام لاءِ تيار ڪيل پروپيگنڊا آهي.
اداري خبردار ڪيو ته پاڪستان امن ۽ استحڪام لاءِ پرعزم آهي، پر ڪنهن به نئين فوجي مهم جوئي جو سخت جواب ڏنو ويندو.


