لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا خلاف ٽن ون ڊي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز لاءِ 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔
تفصيلن موجب شاهين شاهه آفريدي آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز ۾ قومي ٽيم جي قيادت ڪندو، جڏهن ته سلمان علي آغا نائب ڪپتان هوندو۔
سينيئر بيٽر بابر اعظم، نسيم شاهه، شاداب خان ۽ سفيان مقيم قومي ٽيم ۾ واپس اچي ويا آهن، جڏهن ته محمد رضوان کي اسڪواڊ مان ڊراپ ڪيو ويو آهي۔
اسڪواڊ ۾ رضوان جي جاءِ تي محمد غازي غوري ۽ روحيل نذير کي وڪيٽ ڪيپر بيٽر طور شامل ڪيو ويو آهي۔
عثمان خان بيماري سبب چونڊ لاءِ غور هيٺ نه آيو، جڏهن ته فخر زمان ۽ صائم ايوب زخمي هجڻ سبب پنهنجو ري هيب پروگرام جاري رکندا۔
پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز 30 مئي کان 4 جون تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏي ويندي۔
اسڪواڊ ۾شاهين شاهه آفريدي (ڪپتان)، سلمان علي آغا (نائب ڪپتان)، عبدالصمد، ابرار احمد، احمد دانيال، عرفات منہاس، بابر اعظم، حارث رؤف، معاذ صداقت، محمد غازي غوري، نسيم شاهه، روحيل نذير، صاحبزاده فرحان، شاداب خان، شامل حسين ۽ سفيان مقيم شامل آهن.


