نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان کي فلم ”ڪالا هرن“ دي بيٽل فار ليگيسي“ خلاف داخل ڪيس ۾ فوري رليف نه ملي سگهيو آهي.
دهلي هاءِ ڪورٽ جمعي جي ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪندي معاملو پهرين جولاءِ تائين موخر ڪري ڇڏيو.
ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس مدھو جين جي بينچ ڪئي، جنهن سلمان خان جي قانوني ٽيم کي هدايت ڏني ته هو مڪمل دستاويز ۽ لاڳاپيل ڪاغذ فلم سازن کي فراهم ڪن ته جيئن هو پنهنجو موقف صحيح طريقي سان پيش ڪري سگهن.
سلمان خان عدالت ۾ درخواست ڏني آهي ته فلم جي نمائش روڪي وڃي، ڇو ته ان جو تعلق 1998 جي “ڪالا هرن شڪار ڪيس” ۽ گينگسٽر لارنس بشنوئي سان مبينا تڪرار جي غير مجاز عڪاسي سان آهي.
سندس وڪيل سنديپ سيٺ دليل ڏنا ته فلم بغير اجازت جي اداڪار جي زندگي، سڃاڻپ ۽ شهرت کي تجارتي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، جڏهن ته نالي جو سڌو استعمال نه ڪيو ويو آهي پر ڪهاڻي واضح طور تي ساڳي آهي.
قانوني ٽيم موجب فلم جي ٽيزر ۾ به اهڙا اشارا آهن جيڪي سلمان خان سان مشابهت رکن ٿا، جن ۾ سندس مشهور فيروزي بريسلٽ ۽ هٿيارن سان ڏيکاريل منظر شامل آهن، جيڪو سندس ساک لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.
ٻئي طرف فلم سازن جي وڪيلن چيو ته کين مڪمل دستاويز نه مليا آهن، تنهن ڪري هو تفصيلي جواب ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ناهن. هنن فلم جي نمائش روڪڻ جي درخواست جي مخالفت ڪئي.
عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد سلمان خان جي فوري عبوري رليف جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي لاءِ پهرين جولاءِ جي تاريخ مقرر ڪئي.


