سلهٽ ٽيسٽ ۾پاڪستان کي شڪست، بنگلاديش سيريز کٽي ورتي

1 Min Read

سلهٽ ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش سلہٽ ٽيسٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي 78 رنسن تان شڪست ڏئي ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو۔

 سلہٽ ۾ جاري ٻئي ٽيسٽ جي آخري ڏينهن بنگلاديش کي کٽڻ لاءِ 3 وڪيٽن جي ضرورت هئي، جڏهن ته پاڪستان کي فتح لاءِ 121 رنسون گهرجن هيون۔

 پاڪستاني ٽيم 437 رنسن جي حدف پٺيان 359 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي ۽ اهڙي ريت ميزبان ٽيم تاريخ رقم ڪندي سيريز 0 ـ 2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي۔

ٻي اننگ ۾ پاڪستان جي محمد رضوان جي 94 رنز جي اننگ به ٽيم کي ڪاميابي نه ڏياري سگهي، تج الاسلام 6 رانديگرن کي آئوٽ ڪري ٽيم کي ڪاميابي ڏياري.

 ان کان اڳ ڍاڪا ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ۾ به پاڪستان کي 104 رنسن تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو۔

Share This Article
Leave a Comment