ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان ممبئي جي هڪ اسپتال ٻاهران فوٽوگرافرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو۔
ڀارتي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن سلمان خان کي اسپتال مان ٻاهر نڪرندي ڏٺو ويو، جتي اداڪار جي چوڌاري سخت سيڪيورٽي موجود هئي۔ ان دوران ڪيترائي فوٽوگرافر به موجود هئا، جيڪي سلمان خان کي آواز ڏئي تصويرون وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا۔
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته فوٽوگرافر مسلسل اداڪار کي تصويرن لاءِ سڏي رهيا هئا، جڏهن ته سلمان خان ان صورتحال تي ناراض نظر آيو ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪجهه اشارا به ڪيا۔
ان کان علاوه سلمان خان انسٽاگرام تي به مختلف پوسٽن ذريعي پنهنجي ناراضگي ظاهر ڪئي۔ هڪ پوسٽ ۾ هن لکيو ته جيڪڏهن مان اسپتال ۾ هجان ۽ ڪو منهنجي تڪليف مان لطف وٺي يا ان مان پئسا ڪمائڻ جي ڪوشش ڪري ته اها افسوسناڪ ڳالهه آهي۔ هن سوال ڪيو ته “تصوير وڌيڪ اهم آهي يا ڪنهن جي زندگي؟”
هڪ ٻي پوسٽ ۾ اداڪار لکيو ته “جڏهن اوهان جو ڪو ماڻهو اسپتال ۾ هوندو ته ڇا مان به اهڙو ئي رويو اختيار ڪندس؟” جڏهن ته آخري پوسٽ ۾ هن چيو ته “60 سالن جو ٿي ويو آهيان، پر وڙهڻ نه وساريو آهي، اهو ياد رکجو۔”


