ميرپورخاص ( رپورٽ: امجد خاصخيلي ) ميرپورخاص جي سيٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي جي حد ڪاڪ بنگلي واري علائقي ۾ پراڻي تڪرار تان ٻن گروپن وچ ۾ ٿيل پرتشدد جهيڙي جي ڪيس ۾ پوليس 2 عورتن سميت 9 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته هڪ نامزد عورت کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي۔
پوليس موجب، حنيف راجپوت جي فرياد تي سيٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ مسمات رشيدن، مسمات ياسمين، عليان، جان محمد، خان محمد، احمد خان، فيضان قاسم، مير محمد راجپوت ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو آهي۔
پوليس ڪارروائي ڪندي ڪيس ۾ نامزد جوابدار عورت مسمات رشيدن کي گرفتار ڪري ٿرڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ ۽ فيملي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت کيس 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي حيدرآباد وومين جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو۔
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪاڪ بنگلي واري علائقي ۾ پراڻي تڪرار تان راجپوت برادري جي ٻن گروپن وچ ۾ جهيڙو ٿيو هو، جنهن دوران فائرنگ ۽ تشدد سبب نعمان راجپوت، اريان، عدنان، منان ۽ عبدالرحمان زخمي ٿي پيا هئا۔
زخمي نعمان راجپوت کي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ کان پوءِ سندس حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب حيدرآباد منتقل ڪيو ويو هو۔
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ ٻين نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون ڪيون پيون وڃن۔


