ڪراچي ( رپورٽ: آزاد ميراڻي ) : سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس دوران حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن مالي سال 2026-27ع جي بجيٽ تي تفصيلي بحث ڪندي ترقياتي منصوبن، تعليم، صحت، زراعت، بلدياتي اختيارن ۽ امن امان سميت مختلف معاملن تي پنهنجا خيال پيش ڪيا.
پيپلز پارٽي جي ميمبر شازيه ڪريم چيو ته سيد مراد علي شاه پاران مسلسل بجيٽ پيش ڪرڻ سياسي استحڪام جي نشاني آهي.
هن ڪراچي ۽ لاهور جو مقابلو ڪندڙن تي تنقيد ڪندي چيو ته شهري سنڌ جي نمائندگي جي دعويٰ ڪندڙن بجيٽ جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ ڪراچي جي بنيادي مسئلن تي ڪڏهن به اثرائتي آواز نه اٿاري. سندس چوڻ هو ته سنڌ جي ورهاست جون ڳالهيون ناقابل قبول آهن، جڏهن ته لياري سميت مختلف علائقن ۾ ترقياتي منصوبا جاري آهن.
پيپلز پارٽي جي ميمبر ياسمين شاه چيو ته شاهراهه ڀٽو ڪراچي جي عوام لاءِ هڪ وڏو تحفو آهي. هن زرعي آمدني تي لاڳو ٽيڪس 43 سيڪڙو مان گهٽائي 20 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته زراعت هن وقت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ سنڌ جي معيشت جو وڏو دارومدار زرعي شعبي تي آهي. هن بدين لاءِ مختص ٻن ارب رپين جي جاري ٿيڻ ۽ ضلعي ۾ آءِ بي اي سکر جي انتظام هيٺ ڪاليج قائم ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.
ايم ڪيو ايم جي ميمبر عامر صديقي بجيٽ تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪراچي مان ٽيڪس وصول ڪيو وڃي ٿو، پر شهر جي چونڊيل نمائندن کي اختيار نٿا ڏنا وڃن. هن دعويٰ ڪئي ته تعليم ۽ صحت لاءِ مختص ڪيل وڏن فنڊن باوجود عوام کي گهربل سهولتون نٿيون ملن. سندس چوڻ هو ته ارڙهين ترميم مان عوام کي گهربل فائدو نه مليو آهي ۽ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ بلدياتي ادارن کي وسيلا منتقل ڪرڻ گهرجن. هن ڪراچي جي ميئر لاءِ 200 ارب رپيا مختص ڪرڻ ۽ غير ترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪيو.
پيپلز پارٽي جي ميمبر محمد آصف خان چيو ته ڪيماڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ترقياتي ڪم جاري آهن. هن ٻڌايو ته پاڻي جون نيون لائينون وڇايون پيون وڃن، ڊسپينسرين کي اسپتالن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي ۽ شاهراهه ڀٽو کي قيوم آباد کان بندرگاهه تائين وڌايو ويندو. هن جديد بسن جي فراهمي تي سنڌ حڪومت کي ساراهيو.
پيپلز پارٽي جي ميمبر پارس ڏيرو سانگهڙ ۾ اين آءِ سي وي ڊي جو مرڪز قائم ڪرڻ ۽ استادن جي ڀرتين جا منتظر اميدوارن جا مسئلا حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته بينظير هاري ڪارڊ ذريعي هارين کي نمايان سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن.
سردار خان چانڊيو قمبر ضلعي ۾ زچگي جون سهولتون وڌائڻ، امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ ۽ وزيرن کي سڌو سنئون عوام وٽ وڃي مسئلا ٻڌڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته آءِ بي اي ديهي علائقن جي نوجوانن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪيا آهن ۽ وڏي وزير کي ٿاڻن ۽ سرڪاري ادارن جا دورا ڪرڻ گهرجن.
ايم ڪيو ايم جي ميمبر عادل عسڪري تعليم ۽ صحت لاءِ مختص بجيٽ جي اثرائتي استعمال تي سوال اٿاريندي چيو ته جيڪڏهن ايندڙ ڪجهه سالن ۾ تعليم تي خاص ڌيان نه ڏنو ويو ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. هن شاهراهه ڀٽو منصوبي ۾ مبينا بي ضابطگين، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي معاملن، سرڪاري خرچن ۽ صنعتي علائقن جي مسئلن جي نشاندهي ڪندي چيو ته ڪورنگي انڊسٽريل ايريا سميت صنعتي زونن جي بحالي ۽ ترقي لاءِ عملي قدم کنيا وڃن.
اجلاس دوران حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن وچ ۾ بجيٽ، ترقياتي فنڊن، بلدياتي اختيارن، زراعت، تعليم، صحت ۽ ڪراچي جي مسئلن تي سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ڏسڻ ۾ آئي، جڏهن ته بجيٽ تي بحث جو سلسلو جاري رهيو.


