اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي مختلف علائقن ۾ جاري بجلي جي لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ بجلي جي لوڊ مينيجمينٽ بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ کيس ٻڌايو ويو ته علائقائي صورتحال، آبنائي هرمز ۾ ڇڪتاڻ ۽ ترسيل جي مسئلن سبب آر ايل اين جي جي فراهمي متاثر ٿي آهي، جنهن ڪري بجلي جي پيداوار ۾ گهٽتائي آئي آهي.
اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بجلي جي طلب ۽ رسد ۾ توازن برقرار رکڻ لاءِ لوڊ مينيجمينٽ ڪرڻي پئجي رهي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته موجود سمورا وسيلا موثر طريقي سان استعمال ڪيا وڃن ۽ ڪنهن به علائقي ۾ ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي.
وزيراعظم علائقائي صورتحال ۽ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي آر ايل اين جي جي ترسيل ۾ رڪاوٽن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
ان کانسواءِ بجلي جي فراهمي ۽ ٻين مسئلن بابت عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ ڊسڪوز جي سطح تي صارفين جون شڪايتون حل ڪرڻ واريون ڪميٽيون قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن ڪميٽين ۾ عوام جي نمائندگي به يقيني بڻائي وڃي ۽ هڪ هفتي اندر ڪميٽين کي فعال ڪيو وڃي.
اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بجلي جا صارف 118 هيلپ لائن ذريعي پنهنجون شڪايتون درج ڪرائي سگهن ٿا. شڪايت درج ٿيڻ بعد صارف کي ٽوڪن نمبر ۽ شڪايت جي حل ٿيڻ جو وقت پڻ ٻڌايو ويندو.


