سنڌ هڪ هئي، هڪ آهي ۽ هڪ ئي رهندي: صوبائي وزير علي حسن زرداري

2 Min Read

حيدرآباد (ذاڪر لغاري) جيلن ۽ ورڪس اينڊ سروسز واري صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري چيو آهي ته سنڌ جي ورهاڱي خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ واضح قرارداد منظور ٿي چڪي آهي، ان باوجود بار بار ساڳئي معاملي کي ڇيڙيو پيو وڃي.

حيدرآباد ۾ جيل پوليس جي تربيتي اداري ۾ 129 پوليس ڪانسٽيبلز جي پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب ٿي، جنهن ۾ صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي علي حسن زرداري چيو ته سنڌ جي ورهاڱي بابت سنڌ اسيمبلي پنهنجو واضح فيصلو ڏئي چڪي آهي، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي عوام به پنهنجو موقف واضح ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري هاڻي ان معاملي تي وڌيڪ ڳالهائڻ مناسب نٿو سمجهان.

هن چيو ته سنڌ هميشه هڪ هئي، هڪ آهي ۽ هڪ ئي رهندي، پاڪستان پيپلز پارٽي ڪڏهن به سنڌ جي وحدت خلاف نه ويندي.

صوبائي وزير چيو ته جيل کاتي ۾ سڌارن سان گڏ اهلڪارن جي تربيت تي به خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، ڪانسٽيبلن کي جسماني ۽ عملي تربيت سان گڏ قانون، انساني حقن ۽ اخلاقي قدرن بابت پڻ تربيت ڏني وئي آهي.

تقريب دوران پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪانسٽيبلن شاندار پريڊ ۽ حفاظتي ڪرتب پيش ڪيا، جڏهن ته صوبائي وزير ڪامياب جوانن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ۽ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اهلڪارن کي ايوارڊ ڏنا.

تقريب ۾ آءِ جي جيلز فدا حسين مستوئي سميت لاڳاپيل آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.

Share This Article
Leave a Comment