حيدرآباد: ٻن عورتن سميت 15 ڳوٺاڻن کي زخمي ڪرڻ خلاف احتجاج

1 Min Read

حيدرآباد (ذاڪر لغاري) هٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ ٻن عورتن سميت 15 ڳوٺاڻن کي مبينا طور زخمي ڪرڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف ڳوٺ ڄام خان لغاري جي رهواسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن الطاف خاصخيلي، نذير بليدي، فرزانا جج ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ۽ ”جوابدار گرفتار ڪريو“ جا نعرا هنيا.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته پورهيت آهن، 6  سيپٽمبر تي بنا جواز سندن گهرن تي حملو ڪري ٻن عورتن سميت 15 ڄڻن کي زخمي ڪيو ويو.

هنن چيو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود هٽڙي پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment