سنڌ وائيس جي خبر تي ايڪشن، 17 ڏينهن اڳ قتل ٿيل صدام ڪلهوڙو جو ڪيس داخل

1 Min Read

گمبٽ (ممتاز ميمڻ) گمبٽ ڀرسان 17 ڏينهن اڳ قتل ٿيل نوجوان صدام ڪلهوڙو جي قتل جو ڪيس آخرڪار گمبٽ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس مقتول جي ماءُ راڌل خاتون جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ 5 سڃاتل ۽ 2 اڻڄاتل جوابدار نامزد ڪيا ويا آهن.

ايف آءِ آر موجب نامزد جوابدارن ۾ اختيار ڪلهوڙو، مختيار ڪلهوڙو، نديم ظهير ۽ مسمات ارباب خاتون سميت ٻيا شامل آهن، جڏهن ته ٻن جوابدارن کي نامعلوم ڄاڻايو ويو آهي.

ڪيس جي متن موجب جوابدار صدام ڪلهوڙو کي اهو چئي پاڻ سان وٺي ويا ته سندس ٻيهر شادي ڪرائڻي آهي ۽ ان لاءِ ڇوڪري ڏٺي وئي آهي. فريادي موجب صدام جوابدارن سان گڏ هليو ويو، پر ڪجهه ڏينهن بعد سندس لاش ڪمند جي فصل مان هٿ آيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جي ماءُ جي فرياد تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ خاص ٽيم جوڙي وئي آهي ۽ کين جلد گرفتار ڪيو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment