سوڀوديرو: سڳيون پوليس چوڪي انچارج خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

1 Min Read

سوڀوديرو (رپورٽر) سوڀوديرو ڀرسان ڳوٺ عرضي ڀٽي جي رهواسين سڳيون پوليس چوڪي جي انچارج سهراب شر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ۾ عورتن، مردن ۽ ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو.

احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته پوليس 15 ڳوٺاڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ 5 بيگناهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. دلبر ڀٽي، قربان ارباب ڀٽي، قزبانو، حاجره، صغرا ۽ حميدان ڀٽي سميت ٻين چيو ته پوليس هڪ بااثر ڌر جي ونگار وهي رهي آهي.

هنن وڌيڪ الزام لڳايو ته سندن نياڻي زرمينا ڀٽي کي سيال برادري جو هڪ نوجوان اغوا ڪري ويو، پر پوليس کيس بازياب ڪرائڻ بدران مبينا طور ٻي ڌر کان رشوت وٺي سندن مٿان ڪيس داخل ڪيا آهن.

احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته سڳيون پوليس چوڪي جي انچارج سهراب شر کي هٽائي سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، گرفتار ٿيل بيگناهه ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ اغوا ٿيل نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment