راولپنڊي: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ پروپيگنڊا خلاف نوجوانن جو هاڪاري ۽ بامقصد ڪردار ضروري آهي.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان هارورڊ بزنس اسڪول جي شاگردن ملاقات ڪئي، جنهن دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال سان گڏ پاڪستان جي سيڪيورٽي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششن تي روشني وڌي.
هن نوجوانن لاءِ تعليم، مهارتن جي واڌاري، ڪاروباري صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ ۽ حقيقتن تي ٻڌل تجزيو اختيار ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو.
فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته نوجوان نسل کي حقيقتن تي ٻڌل سوچ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا پروپيگنڊا خلاف نوجوانن جو هاڪاري ۽ بامقصد ڪردار انتهائي ضروري آهي.
آءِ ايس پي آر موجب هارورڊ بزنس اسڪول جي شاگردن پاڪستان جي دوري دوران حاصل ٿيل تجربن کي شاندار قرار ڏنو.


