Focus with Zardari

سوشل ميڊيا پروپيگنڊا خلاف نوجوانن جو هاڪاري ۽ بامقصد ڪردار ضروري آهي: فيلڊ مارشل عاصم منير

1 Min Read

راولپنڊي: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ پروپيگنڊا خلاف نوجوانن جو هاڪاري ۽ بامقصد ڪردار ضروري آهي.

آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان هارورڊ بزنس اسڪول جي شاگردن ملاقات ڪئي، جنهن دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال سان گڏ پاڪستان جي سيڪيورٽي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششن تي روشني وڌي.

هن نوجوانن لاءِ تعليم، مهارتن جي واڌاري، ڪاروباري صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ ۽ حقيقتن تي ٻڌل تجزيو اختيار ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو.

- Advertisement -

فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته نوجوان نسل کي حقيقتن تي ٻڌل سوچ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا پروپيگنڊا خلاف نوجوانن جو هاڪاري ۽ بامقصد ڪردار انتهائي ضروري آهي.

آءِ ايس پي آر موجب هارورڊ بزنس اسڪول جي شاگردن پاڪستان جي دوري دوران حاصل ٿيل تجربن کي شاندار قرار ڏنو.

Share This Article
Leave a Comment