گمبٽ: ميرواهه ڪينال ۾ 4 ٻار ٻڏي ويا، هڪ جو لاش هٿ، ٽن جي ڳولا جاري
گمبٽ (ممتاز ميمڻ) گذريل رات ميرواهه ڪينال ۾ ٻڏي ويل چئن ٻارن مان هڪ ٻار جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽن ٻارن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي.
ڊي سي خيرپور موجب ريسڪيو 1122 پاران رات دير تائين ٻارن جي ڳولا لاءِ آپريشن جاري رکيو ويو، پر اونداهي سبب ٻارن جا لاش هٿ نه اچي سگهيا. اڄ صبح ٻيهر ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ٽن ٻارن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.
ڊي سي خيرپور موجب ميرواهه ڪينال ۾ ٻڏي ويل ٻارن ۾ 10 ورهين جو مير محمد، 8 ورهين جو منظر، 12 ورهين جو لاهوتي ۽ 8 ورهين جو جنيد گوپانگ شامل آهن.
انتظاميا موجب ٻڏي ويل چارئي ٻار هڪ ئي خاندان سان تعلق رکن ٿا، جن ۾ ٽي ڀائر ۽ هڪ سئوٽ شامل آهن.
ريسڪيو ٽيمن پاران ڪينال جي مختلف هنڌن تي سرچ آپريشن جاري آهي، جڏهن ته واقعي سبب علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻارن جي ٻڏي وڃڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر سکر کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ گهري ورتي.
مراد علي شاهه انتظاميا کي ريسڪيو آپريشن تيز ڪري ٻڏي ويل ٻارڙن جا لاش هٿ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.


