اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته گهرو وزير محسن نقوي جو ايران دورو ٻنهي ملڪن جي ٻطرفن لاڳاپن، سلامتي معاملن ۽ علائقائي صورتحال، خاص طور امن ۽ استحڪام بابت ڳالهين لاءِ آهي.
ترجمان طاهر اندرابي موجب پاڪستان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين ۽ امن لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.
پرڏيهي آفيس ٽنهي ملڪن پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي وچ ۾ ٿيل دفاعي معاهدي کي به علائقائي امن ۽ گڏيل سلامتي لاءِ اهم قرار ڏنو ۽ چيو ته معاهدو دفاعي نوعيت جو آهي.
ڀارت جي آزاد ڪشمير بابت بيان کي به پاڪستان رد ڪندي بي بنياد قرار ڏنو.


