پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ دفاعي سهڪار وڌائڻ لاءِ ’پروٽوڪول معاهدو 2026‘ تي صحيحون

1 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ دفاعي سهڪار کي وڌيڪ وسيع ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ ’پروٽوڪول معاهدو 2026‘ تي صحيحون ڪيون ويون آهن.

پاڪستان جي بچاءَ واري وزارت موجب اهو معاهدو 2023ع جي دفاعي سهڪار واري معاهدي تحت قائم فوجي تعاون جي فريم ورڪ کي وڌيڪ مضبوط ڪندو.

راولپنڊي ۾ ڪويتي بچاءَ واري وزير شيخ عبدالله علي عبدالله السالم الصباح جي اڳواڻي ۾ اعليٰ سطحي وفد بچاءَ واري وزير خواجا آصف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي لاڳاپن، سيڪيورٽي تعاون ۽ دفاعي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون.

نئين معاهدي تحت پاڪستان جون هٿياربند فوجون ڪويت کي فوجي تربيت، صلاحيت وڌائڻ، سرحدي انتظام ۽ دفاعي تعاون جي ٻين شعبن ۾ مدد فراهم ڪنديون.

ٻنهي ملڪن معاهدي کي گڏيل اعتماد، احترام ۽ اسٽريٽجڪ مفادن جو عڪس قرار ڏيندي علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ دفاعي ڀائيواري وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

ان کان اڳ چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير سان ڪويتي چيف آف جنرل اسٽاف پڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ علائقائي سلامتي ۽ ٻطرفي دفاعي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

Share This Article
Leave a Comment