ملير (شاهد ڇڄڙو) سي ٽي ڊي آپريشن ڪراچي ۽ وفاقي سول حساس اداري گڏيل ڪارروائي ڪندي ڪالعدم دهشتگرد تنظيم سپاهِ محمد سان واسطو رکندڙ ۽ ٽارگيٽ ڪِلنگ جي وارداتن ۾ گهربل سيد محمد عسڪري عابدي کي گرفتار ڪري ورتو.
سي ٽي ڊي موجب گرفتار جوابدار وٽان هڪ هٿ گرنيڊ ۽ هڪ ڪلاشنڪوف هٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سندس نالو سي ٽي ڊي جي ريڊ بُڪ ايڊيشن 10 ۾ انتهائي گهربل ماڻهن جي فهرست ۾ شامل هو.
سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته جوابدار ڊگهي عرصي کان روپوش هو ۽ ڪراچي ۾ ٻيهر پنهنجي نيٽ ورڪ کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
شروعاتي جاچ دوران جوابدار جي دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪِلنگ جي مختلف وارداتن ۾ ملوث هجڻ جا انڪشاف ٿيا آهن.
سي ٽي ڊي موجب جوابدار پنهنجي ٻين دهشتگرد ساٿين سان گڏ مختلف وارداتن ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.


