ڪراچي ( رپورٽ: جاني خاصخيلي ) سنڌ پوليس ڪچي واري علائقي ۾ ڪامياب آپريشن ڪندي اغوا ٿيل 11 ورهين جي نينگري حورم سعيد پٺاڻ کي بازياب ڪرائي ورتو آهي۔
پوليس موجب آپريشن دوران مرڪزي ڌاڙيل عبدالوحيد عرف مُلا مارجي ويو، جڏهن ته ڪيترائي ڌاڙيل زخمي پڻ ٿيا۔
پوليس ترجمان موجب آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو جي حڪمن تي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن ڪيو ويو، جڏهن ته ايس ايس پي شڪارپور جي سربراهي ۾ ٻه ڏينهن کان جاري آپريشن وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي۔
پوليس موجب لاهور جي رهواسڻ جينيفر عامر مسيح کي پڻ ڪچي واري علائقي مان بازياب ڪرايو ويو آهي۔آپريشن دوران اغواڪار ڌاڙيل ياسين بنگلاني پڻ مارجي ويو۔
ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ ڪامياب ڪارروائي تي آفيسرن ۽ جوانن لاءِ روڪ انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽن جو اعلان ڪيو آهي۔آءِ جي سنڌ چيو ته ڏوهاري عنصرن خلاف سنڌ پوليس جا آپريشن مڪمل قوت سان جاري رهندا۔
هوڏانهن صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته پشاور مان اغوا ٿيل 11 ورهين جي نينگري کي شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن جي چنبي مان باحفاظت بازياب ڪرائڻ سنڌ پوليس جي وڏي ڪاميابي آهي۔
گهرو وزير سنڌ شڪارپور پوليس، خاص طور تي محمد ڪليم ملڪ ۽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس ٽيم کي شاباش ڏيندي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي۔
ضياءُ الحسن لنجار چيو ته ڪچي جي خطرناڪ محاذ تي سنڌ پوليس جي جوانن بهادري، جرئت ۽ پيشه ورانه مهارت جو مظاهرو ڪيو، جيڪو فخر جوڳو عمل آهي۔
هن چيو ته ڌاڙيلن ۽ ڏوهاري عنصرن جي مڪمل خاتمي تائين ڪچي وارن علائقن ۾ آپريشن جاري رهندا، جڏهن ته سنڌ جي ڌرتي تي ڌاڙيلن لاءِ ڪا به جاءِ ناهي۔


