سکر ۾ ڪارنهن الزام هيٺ مڙس پنهنجي زال کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

1 Min Read

سکر (ويب ڊيسڪ) سکر جي آباد ٿاڻي جي حد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ مڙس پاران پنهنجي زال کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ جو واقعو پيش آيو آهي۔

پوليس موجب جوابدار فائرنگ ڪري 45 ورهين جي گلستان ڌيءَ دلمراد ڪورائي کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو۔

واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو۔

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي۔

Share This Article
Leave a Comment