الله کانسواءِ ڪنهن جي به عبادت نه ڪريو، تقويٰ اختيار ڪريو ۽ رڳو خدا کان ڊڄو: حج جو خطبو

1 Min Read

مڪو شريف (ويب ڊيسڪ): مسجد نبوي ﷺ جي امام ۽ خطيب شيخ علي عبدالرحمان الحذيفي حج جو خطبو ڏيندي مسلمان امت کي تقويٰ، توحيد ۽ عهد جي پاسداري ڪرڻ جي تلقين ڪئي آهي.
ميدانِ عرفات ۾ حج جو خطبو ڏيندي سندس چوڻ هو ته رب پاڪ کان سواءِ ڪنهن جي به عبادت نه ڪريو، تقويٰ اختيار ڪريو ۽ رڳو الله کان ڊڄو.
پنهنجي خطاب ۾ ڪعبت الله شريف جي امام چيو ته ڪنهن کي به الله تعاليٰ جو شريڪ نه بڻايو وڃي. اي ايمان وارئو! الله کان ڊڄو، ڇو ته تقويٰ اختيار ڪرڻ ايمان وارن جي شان آهي.
شيخ علي عبدالرحمان الحذيفي وڌيڪ چيو ته اي ايمان وارئو! پنهنجي عهد ۽ واعدن جي پاسداري ڪريو، توحيد تي عمل ڪرڻ اهلِ ايمان جو خاصو آهي.
الله تعاليٰ تقويٰ اختيار ڪندڙن کي جنت جي خوشخبري ٻڌائي آهي.

Share This Article
Leave a Comment