شڪارپور (عتيق ڌڪڙ) شڪارپور جي ڳڙهي ياسين واري علائقي ۾ ٻن ڌار ڌار فائرنگ جي واقعن ۾ 2 نوجوان قتل ٿي ويا.
ڳوٺ باقر شاهه ۾ زمين تي ٻڪريون چاريندڙ 30 ورهين جي نادر پٽ رحم علي مارفاڻي کي هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. فائرنگ کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا.
وارثن لاش ڳڙهي ياسين اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
وارثن موجب واقعو ڪارنهن جي تڪرار تان پيش آيو، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
هوڏانهن ڳڙهي ياسين ڀرسان ڳوٺ قادر بخش بروهي ۾ بروهي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران نوجوان بلاول بروهي مارجي ويو.
پوليس موجب مقتول بلاول بروهي ڳوٺ قادر بخش بروهي جي رهواسي مير جهانگير خان بروهي جو پٽ هو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.


