چونڊڪو ۾ نينگر سان مبينا بدفعلي ڪيس جا 2 جوابدار گرفتار

1 Min Read

گمبٽ (ممتاز ميمڻ) چونڊڪو ۾ نينگر عبدالصمد گوپانگ سان مبينا اجتماعي بدفعلي ۽ وڊيو وائرل ڪرڻ واري معاملي جو خيرپور پوليس نوٽيس وٺندي 2 مک جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

خيرپور پوليس موجب ايس ايس پي خيرپور ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي هدايتن تي سوراهه ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪندي زوهيب ملاح ۽ ثناءُ الله ملاح کي گرفتار ڪيو.

پوليس موجب گرفتار جوابدارن خلاف سوراهه ٿاڻي تي ايف آءِ آر نمبر 128/2026 تحت قلم 377، 355، 357 ۽ 34 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي خيرپور چيو آهي ته نينگر سان مبينا بدفعلي ڪندڙ جوابدارن کي سخت سزا ڏيارڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي.

Share This Article
Leave a Comment