ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي نوجوان واپاري مير رضا علي جي شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ جا اهم تفصيل سامهون اچي ويا آهن.
ميڊيڪل رپورٽ موجب مير رضا کي گولي پٺئين پاسي کان لڳي هئي، جڏهن ته سندس جسم تي تشدد جا نشان پڻ موجود هئا.
رپورٽ موجب پوليس سرجن طرفان اٿاريل سمورن 14 اهم سوالن جا جواب پڻ حاصل ڪيا ويا آهن.
تحقيقي ذريعن جو چوڻ آهي ته قبرڪشائي دوران مجموعي طور 17 سيمپلز حاصل ڪيا ويا، جن مان 4 نمونا ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ، جڏهن ته باقي نمونا ڪيميڪل ايگزامن لاءِ حاصل ڪيا ويا.
ذريعن موجب مير رضا علي جي والدين جا 2 ريفرنس سيمپلز پڻ ورتا ويا آهن، جن سان حاصل ڪيل ڊي اين اي نمونن جي ميچنگ ڪئي ويندي.
تحقيقي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيميڪل ايگزامن ۽ ڊي اين اي رپورٽن جا نتيجا 3 کان 4 ڏينهن اندر اچڻ جو امڪان آهي.
قبرڪشائي دوران حاصل ڪيل سمورن نمونن کي محفوظ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سومر ڏينهن سمورا سيمپلز ڪراچي يونيورسٽي جي فارنزڪ ليبارٽري ۾ جمع ڪرايا ويندا.
مير رضا علي جي قبرڪشائي جو عمل ماهرن جي نگراني ۾ تقريباً 3 ڪلاڪن تائين جاري رهيو. ان موقعي تي ميڊيڪل بورڊ جا ميمبر، مير رضا علي جا وارث، وڪيل جبران ناصر، پوليس سرجن، سربراهه شناخت پروجيڪٽ ۽ مجسٽريٽ پڻ موجود هئا، جڏهن ته قبرستان ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.
هوڏانهن مير رضا علي جي والد مير حسين جو چوڻ آهي ته سندس نالي سان پڻ هڪ آڊيو سامهون آئي آهي.
مير حسين جو چوڻ آهي ته اها نه سندس پٽ مير رضا جي آواز آهي ۽ نه ئي سندس پنهنجي آواز. هن سوال اٿاريو ته هن ڪيس سان آڊيو ڪالن جو ڪهڙو تعلق آهي؟
مير حسين موجب، پهرين پوسٽ مارٽم دوران خول ملڻ جي ڳالهه سامهون آئي ۽ هاڻي قبرڪشائي دوران آڊيو جو معاملو سامهون اچي رهيو آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهو سڀ ڪجهه ڪير ۽ ڇو ڪري رهيو آهي.
مير رضا علي جي والد جو چوڻ آهي ته هو قبرڪشائي جي ڪارروائي مان مطمئن آهي ۽ دعا آهي ته پهريان پوسٽ مارٽم دوران جيڪي ڪجهه ٿيو، اهو ٻيهر نه ٿئي.
هن چيو ته قبرڪشائي ۽ فارنزڪ جاچ کان پوءِ جيڪا به رپورٽ سامهون ايندي، اسان ان کي تسليم ڪنداسين.


