Focus with Zardari

غزه ۾ اسرائيلي حملو، عورت پوليس سربراهه سميت 9 ڄڻا شهيد

1 Min Read

غزه ( ويب ڊيسڪ )  غزه سٽي ۾ پوليس هيڊڪوارٽر تي اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾ عورت پوليس جي سربراهه ڪرنل فاتنه السحار سميت 9 ڄڻا شهيد ٿي ويا.

غزه جي گهرو وزارت موجب حملي ۾ پوليس جي 8 اهلڪارن سان گڏ هڪ 13 ورهين جي نينگري پڻ شهيد ٿي وئي.

غزه جي گهرو وزارت ثالثن کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيل جي اهڙي خطرناڪ ڪارروائي ۽ پوليس فورس خلاف مبينا قتل عام کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.

ٻئي طرف فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس غزه سٽي ۾ پوليس هيڊڪوارٽر تي حملي جي سخت مذمت ڪندي ان کي ”نئون جنگي ڏوهه“ قرار ڏنو آهي.

- Advertisement -

حماس الزام لڳايو آهي ته اسرائيلي حڪومت ڄاڻي واڻي امن وارين ڪوششن کي سبوتاژ ڪري رهي آهي.

Share This Article
Leave a Comment