غزه ( ويب ڊيسڪ ) غزه سٽي ۾ پوليس هيڊڪوارٽر تي اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾ عورت پوليس جي سربراهه ڪرنل فاتنه السحار سميت 9 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
غزه جي گهرو وزارت موجب حملي ۾ پوليس جي 8 اهلڪارن سان گڏ هڪ 13 ورهين جي نينگري پڻ شهيد ٿي وئي.
غزه جي گهرو وزارت ثالثن کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيل جي اهڙي خطرناڪ ڪارروائي ۽ پوليس فورس خلاف مبينا قتل عام کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.
ٻئي طرف فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس غزه سٽي ۾ پوليس هيڊڪوارٽر تي حملي جي سخت مذمت ڪندي ان کي ”نئون جنگي ڏوهه“ قرار ڏنو آهي.
حماس الزام لڳايو آهي ته اسرائيلي حڪومت ڄاڻي واڻي امن وارين ڪوششن کي سبوتاژ ڪري رهي آهي.


