لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي ڪاهنه ۾ ٽيوشن سينٽر جي ڇت ڪري پوڻ سبب 14 ٻار فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ٻار زخمي ٿي پيا آهن.
پنجاب جي صحت واري وزير 14 ٻارن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. ريسڪيو اختيارين موجب واقعي وقت ٽيوشن سينٽر ۾ هڪ عورت استاد سميت 20 کان 25 ٻار موجود هئا.
ريسڪيو اختيارين موجب واقعي جو اطلاع شام 4:45 وڳي مليو، جنهن کانپوءِ فوري طور امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون.
مقامي رهواسين موجب ٻار اسڪول جي اڪيڊمي ۾ ٽيوشن پڙهڻ لاءِ آيا هئا، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته عمارت جي مٿئين ماڙ تي تعميراتي ڪم هلي رهيو هو ۽ هيٺئين فلور تي ٻار پڙهي رهيا هئا.
پوليس ٽيوشن سينٽر هلائيندڙ 5 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته وڌيڪ حقيقتون تحقيق کانپوءِ سامهون آنديون وينديون.
هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي فوت ٿيل ٻارن لاءِ دعا ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشون ظاهر ڪيون آهن. وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي زخمين کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.
ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ زخمي ٻارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته ٽيوشن سينٽر هڪ رهائشي گهر ۾ قائم ڪيو ويو هو، جتي خستہ حال عمارت کي بنا مرمت ٻارن جي پڙهائي لاءِ استعمال ڪيو پئي ويو. هن چيو ته سڀ کان پهرين ترجيح ملبي هيٺ ڦاٿل ٻارن کي محفوظ ڪڍڻ آهي.


