قائم علي شاهه جي نياڻي جي ملازمت ۾ واڌ، متاثر پروفيسرن جو فيلڊ مارشل کي خط

1 Min Read

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي نياڻي ڊاڪٽر نگهت جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ تي جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي (JSMU) جي سينيئر ايسوسيئيٽ پروفيسرن خدشن جو اظهار ڪندي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ٻين اختيارين کي خط لکي ڇڏيو.

خط ۾ پروفيسرن چيو آهي ته ڊاڪٽر نگهت جي ٻيهر مقرري پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (PMDC) جي 19 مئي واري نوٽيفڪيشن تحت ڪئي وئي، پر نوٽيفڪيشن جي ٻئي پيرا کي نظرانداز ڪيو ويو. پروفيسرن موجب 6 ايسوسيئيٽ پروفيسر ترقيءَ جا منتظر آهن، جڏهن ته ٻيهر مقرري سبب سندن ترقيون متاثر ٿي رهيون آهن.

خط ۾ چيو ويو آهي ته PMDC جي واضح هدايت آهي ته رٽائرڊ فيڪلٽي جي ٻيهر مقرري سان ٻين اهل ملازمن جون ترقيون متاثر نه ٿيڻ گهرجن، پر ان هدايت جي ابتڙ ڊاڪٽر نگهت جي ملازمت ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

خط ڊاڪٽر شازيه نصيب، ڊاڪٽر ميمونه رحمان ۽ ڊاڪٽر شفيق اسماعيل لکيو، جڏهن ته ڊاڪٽر عميمه اختر، ڊاڪٽر ماهه رخ حيدر ۽ ڊاڪٽر سائره شيخ جون صحيحون پڻ موجود آهن. خط جي ڪاپي سنڌ جي وڏي وزير، صحت واري وزير ۽ محتسب اعليٰ کي پڻ موڪلي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment