ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) آزادي ڏهاڙي جي جشن دوران ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ سبب عورت سميت 2 ڄڻا فوت ۽ 95 زخمي ٿي پيا.
يونيورسٽي روڊ پراڻي سبزي منڊي ڀرسان هوٽل تي دوستن سان گڏ ويٺل 42 ورهين جي محراب کي اڻڄاتل طرف کان آيل گولي سيني ۾ لڳي، جنهن سبب هو فوت ٿي ويو.
شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪيترائي ماڻهو گولين جو نشانو بڻيا.
پوليس هوائي فائرنگ ۾ ملوث 41 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.


